Thursday, March 5, 2015
شهيد سورهيه بادشاه
شهيد سورهيه بادشاه
جوکيو شفيق احمد
انگريزن جي قبضي کان پوءِ جنهن سڀ کان وڌيڪ
انهن سان ٽڪر کاڌو اها پيرسائين سيد صبغة
الله شاهه ثاني جي شخصيت ئي هئي. انگريزي اخبارن ۽ هندو مؤرخن حڪومت جي اشاري تي
سندن شخصيت کي مسخ ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻي طرف انهيءَ عظيم انسان جي
زندگيءَ جي باري ۾ حقيقي معلومات جي کوٽ آهي. پر انهن جي بهادري ۽ ڪارنامن جو
اندازو سندن خاندان جي تاريخ مان ئي لڳائي سگهجي ٿو. جهاد سان لڳاءُ ته انهن کي
ورثي ۾ مليو هو.
سنڌ
جي تاريخ جو ناليورو محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب لکي ٿو:
”پيرسائين سورهيه بادشاهه پاڳاري جي خاندان ۾ آزادي جي
جدوجهد جو بنياد حضرت صبغة الله اول (متوفي 1830) رکيو. جن سنڌ مان بالاڪوٽ جي طرف
مجاهدن جو هڪ دستو تيار ڪري روانو ڪيو، جنهن جي ڪري انهن جي تحريڪ کي ”حُر تحريڪ“
چيو ويو. اهڙيءَ طرح جهاد جو جذبو ان خاندان ۾ موروثي طور تي هلندو پيو اچي.“
سيد صبغة الله شاهه اول حرن جو اهو دستو 30 ـــ 1829ع ۾ موڪليو هو.
سيد صبغةالله ثاني کي به اهو جذبو ورثي ۾ مليو هو.
پير پاڳارو خاندان انگريزن جي اکين جو ڪنڊو:
پير پاڳاري جو خاندان انگريزن لاءِ اکين جو
ڪنڊو بڻيل هو. جڏهن انگريز ميرن کي معاهدن جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ شروع ڪيو ته ”حُر
تحريڪ“ انگريزن خلاف وجود ۾ اچي چُڪي هئي. پير پاڳارو حزب الله شاهه ثاني (1890ع
ــ 1847ع) جي ڏينهن ۾ حُرن خلاف انگريزن ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون. ڪيترن ئي حُرن
کي ملڪ بدر ڪيو ويو. اهم ماڻهن کي احمد نگر اماڻيو ويو ۽ سنڌين لاءِ نوڪرين جا
دروازا بند ڪيا ويا.
خوشامدي ماڻهن جون مهربانيون:
خوشامدي ماڻهن مختلف طريقن سان انگريزن جون
همدرديون حاصل ڪرڻ چاهيون. نسيم امروهوي تاريخ خيرپور ۾ لکيو آهي ته هزهائينس مير
امام بخش خان ٽالپور (1921 ــــ 1909ع) خيرپور جي والي پهرين مهاڀاري جنگ ۾
انگريزن جي هن طرح مدد ڪئي.
هڪ هوائي جهاز وٺڻ لاءِ ٽيهه هزار ٻياسي روپيا ڏنا.
1916ع تي ڏهه هزار روپيا وار فنڊ ۽ ٻه هزار لارڊ ڪچنر جي امدادي
فنڊ ۾ ڏنا.
1918ع ۾ ساڍا چار لک جنگي قرض ۾ ڏنا، ساڻ سپاهين جي ٻارن جي
پڙهائي لاءِ ست هزار روپيا ڏنا.
مير صاحب جي اهڙي مهرباني تي کيس ڪرنل جو
اعزازي عهدو ڏنو ويو ۽ سندس ولايت ۾ پڙهڻ واري پٽ مير غلام علي خان کي ليفٽينٽ ڪيو
ويو.
انگريز
حرن تي پنهنجا ظلم وڌائيندا رهيا ۽ مختلف طريقن سان انهن کي ايذائيندا رهيا، جنهن
جي ڪري انهن ۾ سندن خلاف نفرت وڌندي وئي.
حضرت پير سيد صبغة الله ثاني جي ولادت 13 صفر 1327هه (1909ع) ۾ ٿي.
پاڻ ٻارهن سالن جا هئا ته پنهنجي والد صاحب شمس العلماءِ شاهه مردان شاهه اول جي 7 ربيع الاول 1339هه (1920ع) تي وفات جي
ڪري گادي تي ويهڻو پين. انگريزن سمجهو ته ان عمر کان ئي سندن اهڙو ذهن جوڙجي جو هو
اڳتي هلي اسان جو مهرو ثابت ٿين پر پير صبغة الله ثاني کي ته ننڍپڻ کان ئي انگريزن
کان نفرت ورثي ۾ ملي هئي. پيرسائين سورهيه بادشاهه جي شخصيت اعتماد، ايمان،
استقلال، ڪردار ۽ جرئت جهڙين خوبين سان ٽٻٽار هئي. کين حق جي رستي تي هلڻ لاءِ
وڏين تڪليفن سان منهن ڏيڻو پيو ۽ آخر سولي کي به قبول ڪيائون
سيد صبغت الله شاهه ثاني جو فڪر:
سيد صبغة الله شاهه ثاني جو نظريو اهو هو ته رب
پاڪ سڀني کي آزادي ۽ عزت عطا ڪئي آهي. جيڪا قوم ڪنهن جي انهيءَ آزادي ۽ عزت کي
پيرن هيٺان لتاڙي ٿي اها پنهنجي ظلم ۽ زيادتي ڪري نفرت جي لائق آهي. انهيءَ نظرئي
آڌار هو انگريزن کان ڏاڍي نفرت ڪندا هئا، جنهن جو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب هڪ مثال
ڏيندي لکي ٿو:
هڪ ڀيري پيرسائين سورهيه بادشاهه پاڳاري پنهنجي چاچي مرحوم علي
گوهر شاهه ثاني جي انگريزن طرفان مليل سرٽيفڪيٽ کي فريم سوڌي ڪمري کان ٻاهر
اڇلايو. انگريز آفيسرن کي جڏهن ان جي خبر پئي ته پيرسائين سورهيه بادشاهه تي ڏمرجي
پيا
قتل جو ڪيس:
آخر پيرسائين سورهيه بادشاهه کي قتل جي هڪ ڳنڀير مقدمي ۾ ڦاسائي
هٿراڌو شاهد پيدا ڪري ورتائون.
قائداعظم طرفان ڪيس جي پيروي ڪرڻ:
اهو ڪيس سکر ۾ هليو ۽ پيرسائين سورهيه بادشاهه
طرفان قائداعظم محمد علي جناح ڪيس جي وڪالت ڪئي. انگريز انهيءَ ڪيس کي ڪيئن به ڪري
پيرسائين سورهيه بادشاهه تي مڙهڻ پيا چاهين ان ڪري قائداعظم تي تمام گهڻو دٻاءُ
وڌائون، پيرسائين سورهيه بادشاهه سان اهڙي ناانصافي تي قائداعظم جج اڳيان سخت
احتجاج ڪيو.
ڏهه سال سزا:
انهيءَ ڪيس ۾ پير صبغة الله شاهه ثاني کي ڏهه
سال قيد جي سزا ڏئي رتناگري جيل (پونا) موڪليو ويو.
انهيءَ جيل ۾ پنهنجي ڏاڏي پير محمد راشد (روضي
ڌڻي) جي ملفوظات جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪيائون ۽ سنڌي، عربي، فارسي ۽ اردو ڪتابن
پڙهڻ ۾ گهڻو وقت صرف ڪيائون. گهري مطالعي ۽ مشاهدي کان پوءِ انگريزن جي انهيءَ
پاليسيءَ تي ”نفرت وجهو حڪومت ڪيو“ کي سمجهي هڪ منشور مرتب ڪيائون.
جيل کان آزادي:
جيل کان آزادي ماڻي سنڌ پهتا ته اچي پنهنجي
مريدن جي تربيت ۾ لڳي ويا، انهن کي هر قسم جي نشي کان پري رهڻ ۽ سادگي ۽ ڪفايت
شعاري جي ترغيب ڏنائون.
گڙنگ ۾ مرڪز:
پيرسائين سورهيه بادشاهه سانگهڙ ويجهو گڙنگ ۾
حر تحريڪ لاءِ هڪ بنگلو ٺهرايو، جنهن ۾ حرن جون سرگرميون ٿينديون هيون، انهيءَ
مرڪزجو چوڌاري سخت پهرو ڏنو ويندو هو.رات جو پيرسائين سورهيه بادشاهه فقيراڻي
پوشاڪ پائي گشت ڪندا هئا ۽ جنهن کي به نشي ۾ ڏسندا هئا ان کي گهرائي تنبيهه ڪندا
هئا.
پيرسائين سورهيه بادشاهه انگريزن خلاف بنا مت
ڀيد جي گڏيل محاذ قائم ڪرڻ پئي چاهيو، تنهن ڪري مسلمانن ۽ هندن کي محبت سان رهڻ
لاءِ تاڪيد ڪندا رهيا.
پيرسائين
سورهيه بادشاهه جڏهن پنهنجي مريدن کي ولايتي ڪپڙي جو بائيڪاٽ ڪرڻ لاءِ چيو ته
انگريز تپي ويا ۽ حُرن جي خلاف سخت حڪم جاري ڪيائون.
غازين جو گڏجڻ:
پيرسائين سورهيه بادشاهه حُرن کي حڪم ڏنو ته هو
هڪ ڳوٺ ۾ وڃي غازين جي فهرست جوڙين. پيرسائين سورهيه بادشاهه مختلف وقتن ۾ انهن
غازين جو معائنو ڪندا هئا ۽ کانئن پڇندا هئا ته هاڻي تون غازي ٿي چڪو آهين؟ جواب
ها ملڻ تي چوندا هئا، توتي ڪروڙين رحمتون نازل ٿينديون. ان وقت هي ڪافي گهڻي گونجڻ
لڳي ته:
اهو ماڻهو ميدان جو مڙس ناهي، جيڪو سر بچائي،
عيد ته مرشد مٿان جان نڇاور ڪرڻ ۾ آهي.
مسجد منزل گاهه جو جهڳڙو:
انهن ڏينهن ۾ مسجد منزل گاهه جو جهڳڙو شروع
ٿيو، جنهن جي ڪري هندو مسلم اتحاد خطري ۾ پئجي ويو. پيرسائين سورهيه بادشاهه
پنهنجي حرن کي هر جڳهه تي امن سان رهڻ جو حڪم ڏنو، جنهن جي ڪري انگريزن جي سازش
ناڪام ٿي ويئي.
انگريزن
جو مقصد اهو هو ته انهيءَ جهڳڙي سان هندو مسلم اتحاد ٽٽي ۽ ٻيو پيرسائين سورهيه
بادشاهه جي اثر وارن علائقن ۾ ڪجهه هندو مرن ته جيئن حُرن تي پابنديون مڙهي سگهجن.
پيرسائين سورهيه بادشاهه کي انهيءَ سازش جي هڪ رات اڳواٽ خبر پئجي ويئي، تنهن ڪري
سندن حڪم تي حُرن پيرسائين سورهيه بادشاهه جي ڳوٺ ۾ اهڙا انتظام ڪيا جو اتي رهندڙ
هندن کي ڪوئي نقصان نه پهچائي سگهيو. ٻئي ڏينهن هندن جو هڪ وفد سکر جي ڪليڪٽر سان
ملي ان کي ٻڌايو ته رات پيرسائين سورهيه بادشاهه جي حُرن اسان جون زندگيون بچايون
آهن، اسان سندن ٿورائتا آهيون.
انگريزن جي نئين چال:
اها سازش ناڪام ٿيڻ کان پوءِ انگريزن هڪ نئين
چال سوچي ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سکر جي ڪليڪٽر پيرسائين سورهيه بادشاهه سان ملڻ جي
خواهش ڏيکاري. پيرسائين سورهيه بادشاهه پنهنجي خليفي احمد کي ڪليڪٽر ڏانهن موڪليو.
ڪليڪٽر خليفي جي تمام گهڻي عزت ۽ خدمت ڪئي ۽ پيرسائين سورهيه بادشاهه ڏانهن پيغام
اماڻيائين ته انگريز گورنمينٽ پير ڳوٺ ۾ امن بحال رکڻ تي توهان جي ٿورائتي آهي ۽
اوهان جي خدمت ۾ هڪ تلوار ۽ بندوق تحفي طور تي پيش ڪرڻ چاهي ٿي. منهنجي سفارش تي
انهن اوهان لاءِ خطاب جي منظوري به ڏني آهي، اميد آهي ته ان کي منظور ڪندؤ.
پيرسائين سورهيه بادشاهه جو خطاب ۽ انعام کي ٿڏي ڇڏڻ:
پيرسائين سورهيه بادشاهه انگريزن جي انعام ۽
خطاب کي ٿڏيندي پنهنجي خليفي احمد کي چيو ته ڪليڪٽر کي وڃي چئو ته مون وٽ هٿيار
موجود آهن ۽ پير پاڳاري جو خانداني خطاب مون لاءِ ڪافي آهي، ان ڪري توهان جي خطاب
۽ انعام جي ضرورت ناهي.
فرنگي حڪومت کي پڪ ٿيڻ:
جڏهن فرنگي حڪومت کي چڱي طرح پڪ ٿي ته پيرسائين
سورهيه بادشاهه ڪڏهن به انگريزن جو وفادار نه ٿيندو ته انهن پنهنجو آخري حربو
استعمال ڪرڻ واسطي سڀ ڪاغذي ڪاروايون مڪمل ڪري ورتيون.
گڙنگ بنگلي ۾ حُرن جي تربيت:
پيرسائين سورهيه بادشاهه انگريزن جي ظلم کي
منهن ڏيڻ لاءِ گڙنگ بنگلي سانگهڙ ۾ حُرن جي سپاهيانه تربيت ڪرڻ شروع ڪئي جيئن
آزاديءَ جي جدوجهد کي تيز ڪجي.
ماڻهن ۾ مشهور ٿي ويو ته بنگلي ۾ حُرن جي تربيت
شروع ٿي وئي آهي.
انگريزن
کي به ان ڳالهه جي چڱي طرح خبر هئي تنهن ڪري پيرسائين سورهيه بادشاهه کي باغي قرار
ڏيئي سنڌ ۾ ٿيندڙ هر فتني ۽ فساد کي انهن ڏانهن منسوب ڪرڻ لڳا. ڪوڙن ڏوهن ۾ حُرن
کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪن جي هفتي ۾ ٻه ڀيرا ته ڪن جي روزانو
پوليس چوڪين تي حاضري کي ضروري قرار ڏنو ويو. بنگلي تي پوليس جو سخت پهرو رکيو
ويو. پيرسائين سورهيه بادشاهه ان تي تڪڙو احتجاج ڪيو ۽ خاص طور تي حُرن جي ميلن
پري حاضري ڏيڻ واري حڪم کي ننديو، پر پوءِ به انگريز پنهنجي ڏاڍائي کان نه مڙيا ۽
نيٺ پيرسائين سورهيه بادشاهه پنهنجي مريدن کي حڪم ڏنو ته آئنده هو چوڪين تي حاضري
نه ڏين ۽ پنهنجي ڪم ڪارين ۾ مشغول رهن.
سنڌ ۾ سول نافرماني ۽ گرفتاريون:
ان تي انگريز حڪومت حُرن جون گرفتاريون تيز ڪري
ڇڏيون. پيرسائين سورهيه بادشاهه به پنهنجي خاص خاص مريدن کي پردي پويان هليو وڃڻ
لاءِ چيو. انگريزن جو ڏاڍ ۽ جبر ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو. سرعام گوليون هلڻ لڳيون ۽
انگريز آفيسر حُرن خلاف مٿي رپورٽون موڪلڻ لڳا. ڪي ماڻهو پيرسائين سورهيه بادشاهه
کي انگريزن جو وفادر ٿيڻ ۽ کانئن جهجو انعام حاصل ڪرڻ جون صلاحون ڏيڻ لڳا پر انهن
کٿو جواب ڏئي ڇڏيو.
ڪراچي ۾ نظربندي:
آخر پيرسائين سورهيه بادشاهه کي ڪراچي ۾ نظربند
ڪيو ويو، جنهن تي انهن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن منهنجو ڪو ڏوهه آهي ته اهو عدالت ۾
پيش ڪيو وڃي. پر حڪومت ان جو ڪو جواب نه ڏنو. پيرسائين سورهيه بادشاهه ان وقت جي
وزيراعليٰ سنڌ سر غلام حسين هدايت الله کي به اهڙي غير قانوني عمل جي باري ۾ لکيو
پر ان به جواب ڏنو ته مان مٿين حڪمن تي عمل ڪرڻ جو پابند آهيان ۽ توهان جي ڪائي
مدد نٿو ڪري سگهان.
پيرسائين سورهيه بادشاهه نظربندي ٽوڙي گڙنگ بنگلي پهتا:
پيرسائين سورهيه بادشاهه نظربندي ٽوڙي راتو رات
ڪار ۾ گڙنگ بنگلي پهتا ۽ پنهنجي مريدن کي چيائون ته حڪومت منهنجي خلاف وٺ پڪڙ تيز
ڪري ڇڏي آهي، پر هو بنا گهٻرائڻ جي پنهنجي جدوجهد جاري رکن. ان کان پوءِ پير ڳوٺ
پهچي اتي به ساڳيا حڪم ڏنائون.
بغاوت جو ڪيس:
انگريز حڪومت کي پيرسائين سورهيه بادشاهه جي فرار ٿيڻ کان پوءِ مٿن
بغاوت جو ڪيس ڪرڻ ۽ حُرن خلاف رڻ ٻاري ڏيڻ جو موقعو ملي ويو.
بنگلي جو گهيراءُ، بمباري ۽ مارشل لا مڙهڻ:
انگريزن پيرسائين سورهيه بادشاهه جي بنگلي جو
گهيراءُ ڪري مشينن سان بمباري ڪرڻ شروع ڪئي. درگاهه شريف، حويلين ۽ سڄي ڳوٺ کي
بارود سان اڏايو ويو ۽ وڏي مشڪل سان پيرسائين سورهيه بادشاهه کي گرفتار ڪيو ويو.
پر اهي سڀ ڪارروايون حُرن جي آزاديءَ واري جذبي کي ٿڌو نه ڪري سگهيون.
سنڌ ۾ مارشل لا لڳايو ويو پر پوءِ حر، فوج ۽
پوليس سان مقابلو ڪندا رهيا. عورتن به انهيءَ جهاد ۾ اهڙا ڪارناما ڪري ڏيکاريا
جيڪي اچرج ۾ وجهي ڇڏين ٿا.
انگريزن
حُرن کي بيدرديءَ سان ڪچلڻ شروع ڪري ڏنو. پير ڳوٺ ۽ گڙنگ ۾ سندن گهرن کي باهه ڏني
ويئي، ڪن کي قيد ڪيو ويو ته ڪن کي شهيد ڪري هزارين عورتن ۽ ٻارن جو سهارو کسيو
ويو. اهڙي ظلم تي سنڌ جا وڏا وڏا زميندار ۽ وڏيرا چپ چاپ تماشو ڏسندا رهيا.
سولي جو سڏ:
انگريز حڪومت پيرسائين سورهيه بادشاهه تي بغاوت
جو ڪيس هلائي سولي تي چاڙهڻ جو حڪم ڏنو جيڪو آزاديءَ جي پانڌيئڙن جو مرڪ آهي.
بنا کردند خوش رسمي بخاک و خون غلطيدن،
خدا رحمت کند اين عاشقان پاڪ طينت را.
فيصلي ٻڌڻ کان پوءِ پيرسائين سورهيه بادشاهه کي معمولي قسم جي به
پريشاني نه ٿي ۽ مسڪرائيندا رهيا. هڪ انگريز آفيسر جو چوڻ آهي ته مان آخري رات
انهن سان گڏ هيس. هو پهريان وانگر پرسڪون هئا. مون کي اچرج ۾ ڏسي چوڻ لڳا ڇا ڳالهه
آهي؟ حق جي رستي ۾ شهادت ماڻڻ اسان جي ابن ڏاڏن جي سنت آهي ۽ کلي ڪري سولي تي پهچڻ
اسان جي عبادت آهي. هو ان رات معمول مطابق گهري ننڊ سمهيا.
شهادت:
آخر 20 مارچ 1943ع تي سولي کي سجائي ڪري آزاديءَ جي انهيءَ ڏيئي کي اجهايو ويو. انهيءَ ڏيئي جي گرمائش سان هزارين پروانا پيدا ٿي چُڪا هئا، جن چئن سالن جي اندر اندر انگريزن کي تڙي ڪري 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جو وجود مڃرايو ۽ خواب کي حقيقت ڪري ڏيکاريو.هزارين انسانن جون قربانيون ۽ مائرن ڀينرن جون دعائون رائگان نه ويون ۽ پاڪستان جو تحفو انهن جي ايندڙ نسل کي ملي ويو.
آخر 20 مارچ 1943ع تي سولي کي سجائي ڪري آزاديءَ جي انهيءَ ڏيئي کي اجهايو ويو. انهيءَ ڏيئي جي گرمائش سان هزارين پروانا پيدا ٿي چُڪا هئا، جن چئن سالن جي اندر اندر انگريزن کي تڙي ڪري 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جو وجود مڃرايو ۽ خواب کي حقيقت ڪري ڏيکاريو.هزارين انسانن جون قربانيون ۽ مائرن ڀينرن جون دعائون رائگان نه ويون ۽ پاڪستان جو تحفو انهن جي ايندڙ نسل کي ملي ويو.
اخلاق ۽ جرات:
پيرسائين سورهيه بادشاهه اخلاق جي اعليٰ مرتبي تي فائز هئا، سندن
اٿڻي ويهڻي ۾ شائستگي پري کان پڌري هئي. الله کانسواءِ هو ڪنهن کان به نه ڊڄندا
هئا ۽ ظالم کان شديد نفرت ڪندا هئا.
هڪ ڀيري گڙنگ واري بنگلي ۾ انگريز ڊپٽي ڪليڪٽر
کانئن پڇيو ته توهان انگريز آفيسرن جي عزت ڇو نه ڪندا آهيو؟ پاڻ جواب ڏنائون ته
انهن جي طور طريقن ۽ اٿڻي ويهڻي ڏسڻ کان پوءِ ٿورو به انگريز آفيسرن جي عزت جو
خيال ايندو آهي ته پوءِ پنهنجي شرافت ۾ شڪ ٿيڻ لڳندو آهي، ڇاڪاڻ ته مان حسيني
آهيان. ان جواب مان پيرسائين سورهيه بادشاهه جو مقصد هو ته مان چڱن ماڻهن جي عزت
ڪندو آهيان ۽ حسيني آهيان، فاسقن کي عزت ناهيان ڏيندو. پاڻ پيغمبر پاڪ صلي الله
عليہ وسلم جن جا سچا عاشق هئا، هر ڪم پنهنجي هٿن سان ڪندا هئا. صبح جو اٿي ورزش ۽
نماز کان واندا ٿي مريدن سان ڪم ڪارين ۾ لڳي ويندا هئا، فصل ڪٽيندا ۽ گودامن ۾
رکائيندا هئا.
پيرسائين سورهيه بادشاهه سنڌ جي آزاديءَ لاءِ
پاڻ پتوڙيو ۽ ڏکيا ڏينهن ڏٺا. 1930ع کان 1938ع تائين کين رتناگري، مدنا پور، ڍاڪا
۽ راج شاهي جيل ۾ هٿيارن رکڻ جي جرم ۾ قيد رکيو ويو ۽ 1940ع کان 1943ع تائين وري
ناگپور جيل ۾ قيد ڪري ڊفينس آف انڊيا تحت ڪيس هلائي ڦاسي ڏني ويئي. ڦاسي جي وقت
عبادت ڪري پاڻ سپرنٽِنڊنٽ کي هلڻ لاءِ چيائون، سپرنٽينڊنٽ جو بيان آهي ته مان
پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ موت کي اهڙي بهادريءَ سان ڀليڪار چوڻ وارو مرد ناهي ڏٺو:
نشان مرد مومن با تو گويم،
چون موت آيد تبسم برلب اوست.
20 مارچ 1943ع واري ڏينهن سنڌ جي هن عظيم سپوت کي شهادت جو جام
پياريو ويو پر افسوس جو اڄ تائين اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته پيرسائين سورهيه
بادشاهه کي ڪٿي دفن ڪيو ويو.
پيرسائين سورهيه بادشاهه جي ڪتابن ۾ صرف بياض ملن ٿا، جنهن ۾ سلوڪ
۽ معرفت جا نڪتا بيان ٿيل آهن. سؤ صفحن واري بياض ۾ ان صرف هي نوٽ ڏنو اٿئون ته:مان
جيڪو ڪجهه لکيو آهي، رتنا گري جيل ۾ لکيو آهي. مدنا پور واري جيل ۾ ڪجهه ناهي
لکيو، ڇاڪاڻ ته سرڪار ان کي عوام تائين پهچڻ نٿي ڏئي ۽ ڪتاب لکڻ ۾ سخت مشڪلاتن سان
منهن ڏيڻو پوي ٿو. جيڪڏهن زندگي رهي ته جيل کان ٻاهر اچي لکندس. جيل ۾ مطالعو جاري
آهي ۽ نشان لڳائيندو وڃان پيو.
اڳتي پڙهو »
Subscribe to:
Posts (Atom)